Friday, March 4, 2011

موجودہ تعليمي صورتحال ۽ بھتريءََ لاءِ تجويزون



عام چوَڻي آھي تـ،”جيڪڏھن ڪنھن قوم کي تباھ ڪرڻو آھي تـ ان جي تعليم تباھ ڪريو“.
ھيءُ تعليمي نظام جنھن جو بنياد انگريز حڪمرانن وڌو،ان کي پھرئين ڏينھن کان ئي اھڙو ٺاھيو ويو جو اھو فقط سرڪاري نوڪر پيدا ڪري سگھي.اھو نظام اڄ بـ اھو ساڳيو ئي ڪم ڪري رھيو آھي.
جيڪڏھن ان نظام ۾ اسان کي ڪو سائنسدان، محقق يا ڪو قابلِ تحسين ڪم ڪندڙ ماڻھو ملي ٿو تـ اھو صرف ۽ صرف پنھنجي خُداداد صلاحيتن جي بدولت اھو مقام حاصل ڪري ٿو،نـ ڪـ ھن تعليمي نظام جي ڪري. جيڪو بـ ماڻھو ھِن حقيقت جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ پُڄي سگھي ٿو، اھو پڙھائيءَ لاءِ پنھنجي ٻارن کي ملڪ کان ٻاھر ٿو موڪلي،تـ جيئن اھي صحيح تعليم حاصل ڪري سگھن.
ايشيا جا ڪيترا ئي ملڪ جيڪي تعليم ۽ ترقيءَ ۾ اسان کا ڪافي پوئتي ھئا،اڄ اسان کان گھڻو اڳتي آھن.
موجودہ تعليمي نظام کي شايد بھتر بنائي سگھجي ھا، پر جڏھن کان ڪاپي ڪلچر جو ديوُ ھن نظام ۾ ڪاھي پيو آھي،ان جو سڌرجڻ ڏسڻ ۾ نـ پيو اچي. ڪاپي ڪلچر جو ديوُ ھن نظام ۾ ڪينسر ۽ ايڊز وارو ڪم ڪري رھيو آھي ۽ امتحانن ۾ ڪاپي ڪرائڻ ۾ معاشري جو ھر فرد؛ جھڙوڪ،والدين،استاد،شاگرد،مٽ مائٽ،دوست يار سڀ شامل آھن.اھي سڀ نـ صرف ان عمل ۾ شامل رھن ٿا، پر مادہ پرستيءَ کي ھٿي بـ ڏين ٿا ۽ ھر شيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ غلط طريقا بـ ڏَسين ٿا.جنھن جي نتيجي ۾ اللھ جو ڊپ ۽ ان ۾ ايمان نئين نسل جي دلين مان ختم ٿيندو وڃي. ان سان گڏ نئين نسل پنھنجي خداداد صلاحيتن کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏنو آھي،جنھن جي نتيجي ۾ ڊگريون تـ آھن، پر علم ۽ ھنر ناھي.
ان جو اھو مطلب ھرگز اھو نـ آھي تـ اسان جي نئين نسل ۾ صلاحيتون نـ آھن، پر اھو قدرتي عمل آھي تـ،جيڪڏھن توھان پنھنجيون خداداد صلاحيتون استعمال نـ ڪندا تـ اھي زنگجي وينديون ۽ اڳيان ھلي توھان انھن کي وڃائي ويھي رھندو.
اسان جي قوم دنيا جي باصلاحيت ۽ ذھين قومن مان ھڪ آھي، پر سرڪار جي ٺاھيل غلط پاليسين جي ڪري قوم مسلسل جھالت جي پاتال ڏانھن ڪري رھي آھي ۽ شايد اھو وقت گھڻو پري نـ آھي.جو اسان دنيا جي جاھل ترين قومن ۾ پھرئين نمبر تي ھجون. سرڪار جون پاليسيون اھي ئي وڏيرا ۽ چوڌري ٺاھين ٿا،جن کي اھا چڱيءَ طرح خبر آھي تـ اگر قوم صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪئي تـ سندن جھڙن نا اھلن ۽ ڪَرپٽن کي سلام ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ وارو ڪير بـ نـ بچندو.
قوم جو مزاج خراب ڪرڻ ۾ مِيڊيا (ٽيليويزن چئنل، اخبارون، رسالا) جوتمام وڏو ڪردار آھي. اِھي سياستدانن ۽ آفيسر شاھي جو اصل روپ قوم جي سامھون پيش ڪري، انھن کي شيطان جي درجي تي پھچائين ٿا ۽ سڄي قوم اھو ڏسي ٿي اھي شيطان دنيا جي ھر آسائش ماڻي رھيا آھن ۽ اھي ھر قانون ۽ قاعدي کان مٿاھان آھن.پوءِ اتي قوم اھو سوچڻ شروع ٿي ڪري تـ ڇو نـ اسان بـ انھن وانگر ٿيون ۽ ھر سھولت ۽ آسائش حاصل ڪريون.
ميڊيا جي انھيءَ تشھير جي ڪري،ھر ماڻھو انھن شيطانن کي خراب چئي ٿو،پر وري ٿيڻ ائين ٿو چاھي جھڙا اھي آھن. جنھن جي نتيجي ۾ ھر عام ماڻھوءَ جي اخلاق ۾ زوال ايندو پيو وڃي. ماڻھو غلط کي غلط تـ چون ٿا،پرچاھين وري بـ غلط جھڙو ٿيڻ ٿا.جڏھن تـ حضرت محمد صليٰللھ عليہ وسلم جن جو فرمان آھي تـ ” اوھان ۾ سٺو اھو آھي،جنھن جا اخلاق سٺا آھن“
صحافي ۽ رپورٽرن ۾ بـ اھڙا ماڻھو آھن، جيڪي انھن شيطانن کي سندن ڪمزورين کي ظاھر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي، انھن مان ذاتي فائدا حصل ڪن ٿا ( انھن صحافين ۽ رپورٽرن ۾ اڪثريت اھڙن جي آھي،جن کي سندن لاڳاپيل نيوز چئنل يا اخبار مان ڪم جو ڪو معاوضو نٿو ملي)
اھڙن صحافين ۽ رپورٽرن ۾ اڪثريت سرڪاري نوڪر استادن (پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين) جي آھي،جيڪي ڪڏھن بـ اسڪول يا ڪاليج پڙھائڻ ڪو نـ وڃن ۽ سرڪار کان باقاعدہ ان پوسٽ جو پگھار حاصل ڪن. سندن ھيڊ ماستر يا پرنسپال جي ھِمت نـ آھي جو اِنھن کي ڊيوٽي لاءِ چوَن.
انھن سڀني ڳالھين کي صحيح ڪرڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سرڪار کي انتھائي سنجيدہ ٿيڻو پوندو ۽ جزا ۽ سزا جا طريقا لاڳو ڪرڻا پوندا،ڇو تـ جيستائين جزا ۽ سزا تي عمل نـ ٿيندو ماڻھو ڪونـ سڌرندا.
جيڪڏھن سڀ سياستدان،چاھي اھي سرڪاري ڌر ۾ ھجن يا حڪومت مخالف ڌر ۾، ڪرپشن، اقربا پروري، قاعدن ۽ قانون خلاف عملن کان پاسو ڪن ۽ اھليت جي بنياد تي فيصلا ڪن،تـ قوم ضرور سڌي راھ تي اچي ويندي.
منھنجي خيال ۾ تعليم کاتي بابت ذڪر ڪرڻ کان پھريائين مٿين ڳالھين جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو.
ھاڻ اچو تـ تعليم کاتي ۾ ٿيندڙ نا انصافين،بي واجبين،غلطين ۽ نا اھلين تي روشني وجھون.
۲۰۰۱ جي ڊِوو ليوشن پلان کان پوءِ ضلعي حڪومتون وجود ۾ آيون،ناظم آيا،نَئون نظام ٺھيو،نَيون پوسٽون وجود ۾ آيون، پر انھن کي ڀرڻ لاءِ ميرٽ جو استعمال نـ ٿيو.اسڪولن جي استادن ۽ ھيڊ ماسترن اي ڊي او،ڊي او ِ اِي ڊي او بنايو ويو، جن ڪڏھن پنھنجيون اصل ڊيو ٽيون ئي ڪونـ نڀايون، قوم جي مستقبل جون واڳون انھن جي حوالي ڪري انھن کي قوم جو ابو بنايو ويو.اھڙا ماستر جن کي انگريزي تـ ٺھيو پر سنڌي بـ لکڻ پڙھڻ نٿي اچي انھن کي اھڙن انتظامي عھدن تي رکيو ويو. جيڪي پنھنجي اسڪول کي ھلائڻ جي اھليت نٿي رکيا انھن جي حوالي ضلعي جي تعليم جون واڳون ڪيون ويون.
وري بجٽ جي نالي تي بي انتھا پئسو انھن جي حوالي ڪيو ويو. جن ماڻھن ڪڏھن زندگيءَ ھڪ لک رپيا بـ گڏ نـ ڏٺا،سي تـ ڪرپشن ۾ با قاعدي گھڙي پيا ۽ پنھنجي اختيارات جوغلط استعمال ڪندي جلد از جلد وڌ کان وڌ پيسا ميڙيا. ھي ماڻھو نـ صرف نا اھل ثابت ٿيا،پر گڏوگڏ قانونن ۽ قاعدن کان نا واقف بـ،جنھن ڪري ھنن مسلسل قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پنھنجا مفادات حاصل ڪيا. انھن استادن جي ڀرتيءَ ۾ قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ميرٽ کي نظر انداز ڪيو ۽ گھربل تعداد کان ٻيڻا ٽيڻا استاد ڀرتي ڪيا.
ان سان گڏ سَون جي تعداد ۾ استاد جيڪي ڊيوٽيون نٿا ڪن ۽ گھر ويٺي پگھار پيا کڻن،سي پنھنجي پگھار مان ڪجھ حصو انھن اي ڊي او،ڊي او ياِ اِي ڊي او کي پھچائي آرام سان زندگي بسر ڪري رھيا آھن. سا ڳيو حال ڪلارڪن،پٽيوالن ۽ ٻي غير تدريسي عملي جو آھي.جنھن جي نتيجي ۾ اسڪول ۽ آفيسون ويران لڳيون پيون آھن. انھن ماڻھن کي نـ قوم جي سوچ آھي،نـ قوم جي ٻچن جي،نـ ڊيوٽيءَ جو احساس آھي،بس اگر ڪو خيال آھي تـ اھو تـ جيترو جلدي ٿي سگھي گھڻي کان گھڻو مال ميڙيان،متان سڀاڻي ڪو ٻيو نـ ھن سيٽ تي اچي وڃي.
ھن ملڪ جو ھيءُ بگڙيل نظام ڪيئن ٿو سڌري سگھي،جتي استاد ۾ شاگرد کي تعليم ڏيڻ جي اھليت ناھي،انتظاميا ۾ انتظام ھلائڻ جي صلاحيت ناھي،نا اھل استادن ۽ انتظاميا کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو،جزا ۽ سزا جو تصور ختم ٿي چڪو آھي.
انتظاميا ۽ استاد، سرڪار سان گڏجي ھر وقت ھر ھنڌ اھو ئي را ڳ الاپي رھيا آھن تـ ”سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي“.
استادن ۽ انتظاميا جا ٽريننگ پروگرام بـ پئسي ڪمائڻ جا ذريعا ٿي پيا آھن،نـ ڪـ تربيت جا.
۲۰۰۶ ۾ سيڪرٽري ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ،سيد غلام علي پاشا صاحب تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ جي سلسلي ۾ انتھائي بھترين قدم کنيا،جن مان ھڪ اھو بـ ھو تـ، مئنيجمينٽ ڪيڊر کي ٽيچنگ ڪيڊر کان الڳ ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي طرفان لکت ۾ ھڪ ٽيسٽ ورتي وئي،جنھن ۾ ڪراچيءَ سميت پوريءَ سنڌ مان ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي ۱۳۵۰ آفيسرن ۽ استادن (گريڊ ۱۷ کان ۲۰ تائين) حصو ورتو. انھن ۱۳۵۰ آفيسرن ۽ استادن مان صرف ۹۹ ڄڻا پاس ٿيا (مردن لاءِ پاسنگ مارڪس ۵۰ سيڪڙو ۽ عورتن لاءِ ۴۰ سيڪڙو رکيون ويون ھيون). ان کان پوءِ انھن پاس ٿيل ۹۹ ڄڻن جو انٽرويو ورتو ويو (انٽرويو وٺندڙن ۾ ۲ ايڊيشنل سيڪريٽري،۲ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ھڪ يو ايس ايڊ جو نمائندو شامل ھو ۽ سيڪريٽري ايجو ڪيشن بطور آبزروَر ويٺل ھو). ان انٽرويو ۾ ۶۰ ڄڻا پاس ٿيا. ھيءَ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۱۵ انٽر نيشنل پراجيڪٽن ۽ پروگرامن ۾ پيل خالي جڳھين کي ڀرڻ لاءِ ورتا ويا ھئا، پر ان وقت جو وزير اعليٰ ۽ وزيرِ تعليم، سيڪرٽري ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سان متفق نـ ٿيا، جنھنڪري ھيءُ سڄو عمل بي ڪار ويو. پر ان مان ايترو ضرور ظاھر ٿيو تـ اسان وٽ ڪيڏو نـ وڏو تعداد نا اھل ماڻھن جو آھي،جيڪي پنھنجي نا اھليءَ جي با وجود مختلف اھم عھدن کي والاريو ويٺا آھن ۽ ملڪ جي خزاني کي لٽي رھيا اھن.
ان کان پوءِ انھن پروگرامن ۽ پراجيڪٽن ۾ اقربا پروري ڪندي، نا اھل ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويو،جنھن ڪري اھي پئسا جيڪي ملڪ جي تعليم جي بھتريءَ تي خرچ ٿين ھا،اھي ذِيان ٿي ويا.
نئين تعليمي پاليسي ۲۰۰۹، جنھن جي ٺاھڻ لاءِ ئي گورنمينٽ، ڊونر ايجنسين کان اربين رپيا ورتا آھن، ان مطابق، مئنيجمينٽ ڪيڊر کي ٽيچنگ ڪيڊر کان الڳ ڪيو ويندو.ھي نقطو نئين تعليمي پاليسيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو،اگر ان تي بغير اَقربا پروري ۽ رِشوَت جي عمل ٿئي تـ سڄو تعليمي نظام سڌري پوندو.
ان سلسلي ۾ انتظاميـ جي لاءِ ماڻھو چونڊڻ جا ٻـ طريقا اختيار ڪري سگھجن ٿا،ھڪ تـ سابق سيڪرٽري ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ،سيد غلام علي پاشا صاحب وارو طريقو ۽ ٻيو پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي.
جڏھن انتظاميـ جي لاءِ ماڻھو چونڊ ٿي وڃي تـ، انھن کان قرآن پاڪ تي حلف ورتو وڃي تـ،”اھي ڪنھن بـ قسم جي رشوت قبول نـ ڪندا، ڪنھن بـ قسم جي اقربا پروري نـ ڪندا،پنھنجي اختيارات جو ناجائز فائدو نـ وٺندا، ذاتي رنجش جي بنياد تي ڪنھن کي نقصان نـ پھچائيندا ۽ لالچ يا دَٻاءَ ۾ اچي ڪو بـ غير قانوني ڪم نـ ڪندا“.
انھن جي پوسٽنگ کان پوءِ گورنمينٽ انھن تي مستقل اَک رکي ۽ سٺي ڪارڪردگيءَ تي انھن کي شاباس، انعام يا تعريفي سَند ڏي، جڏھن تـ خراب ڪارڪردگيءَ وارن کي تنبيھ يا انتھائي غلط ڪمن تي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.
گورنمينٽ انھن ڪامورن جي سھولتن جو خيال رکي، جھڙوڪـ آفيس،عملو،گاڏي،آفيس لاءِ بجٽ وغيرہ. انھن ڪامورن جا پگھار بين الاقوامي معيار جا ھجن، انھن کي سندن اضافي مھارتن جي لاءِ اضافي الائونس ڏنا وڃن.
انھن آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتون پرکڻ لاءِ ھر سال سيمينار منعقد ڪرائڻ گھرجن، جتي ھر آفيسر پنھنجي ڪارڪردگيءَ،ڪاميابين ۽ مستقبل جي پروگرامن بابت سڀني کي آگاھي ڏي. اھي پنھنجي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ خود پيش ڪن، تـ جيئن ٻيا آفيسر بـ ان مان سکن ۽ پنھنجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن.
اھڙن سيمينارن ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ وارن ڪامورن کي شاباس، انعام يا تعريفي سَند ڏني وڃي، جڏھن تـ خراب ڪارڪردگيءَ وارن کي تنبيھ ڪئي وڃي.اھڙن سيمينارن جي ميڊيا ذريعي تشھير ڪئي وڃي.
انھن آفيسرن جي پيشـ ورانـ صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ مسلسل ٽريننگ پروگرام رکيا وڃن، جن ۾ سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ ۱۵ ڏينھن ھر آفيسر ٽريننگ ڪري. انھن پيشـ ورانـ تربيتي پروگرامن جا سرٽيفڪيٽ ٽيسٽ جي بنياد تي ڏنا وڃن.
ھر آفيسر کي ھڪ عھدي تي ٽن سالن تائين رکيو وڃي.ڪنھن بـ آفيسر کي سياسي اثر يا سفارش تي نـ رکيو وڃي ۽ نـ ئي بدلي ڪيو وڃي.
استادن جي ڀرتي غير مقامي،غير جانبدار ۽ پيشـ ور ڌر جي ذريعي ڪئي وڃي، جيڪا سياسي اثر کان آجي ھجي ۽ قاعدي قانون موجب ميرٽ تي ڀرتي ڪري.
استادن جي ڀرتي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ھجي،جيڪا ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ختم يا وڌائي سگھجي.
استادن جي ڪارڪردگيءَ جي پرک، غير مقامي، غير جانبدار ۽ پيشـ ور ڌر جي ذريعي ڪئي وڃي، جيڪا سياسي اثر کان آجي ھجي.
ھي ڪجھ تجويزون تعليم جي سڌاري لاءِ آھن،جن ۾ ڪي سُڄاڻ دوست اضافو بـ ڪري سگھن ٿا.
جيڪڏھن اڃا بـ اسان پنھنجي تعليمي نظام کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوششون نـ ورتيون تـ شايد اسان جو ايندڙ نسل دنيا جي انتھائي جاھل قومن مان ھڪ ھجي.

No comments:

Post a Comment